اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ??مريڪي ڪانگريس ميمبر الهان ??مر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان ??ي عزم ۽ همت ۽ سياسي جدوجهد کي ساراهيندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ??ي پهرين دوري تي سندس شاندار آجيان ڪئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان ??ان پاڪستان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا ۽ پاڪستاني پارليامينٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي سگهه ملندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ??مريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ برابري تي ٻڌل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان ??طي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي ته آمريڪا پاڪستان ??و سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ??مريڪا لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ س??نڊ پار پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ ان ??ي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو جنهن سان ??طو پنهنجي اقتصادي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان ??ستعمال ۾ آڻي سگهي ۽ سماجي ترقي کي فروغ ڏ??ي سگهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم ڏکڻ ايشيا ئي پنهنجي ترقي تي ڀرپور ڌيان ڏ??ي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسلامو فوبيا جهڙي برائي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڪانگريس ميمبر الهان ??مر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ??ي دوري سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڪانگريس جي عورت ميمبر الهان ??مر 20 کان 24 اپريل 2022ع تائين پاڪستان ??و دورو ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ قيادت سان ملاقاتن کانسواءِ هو لاهور ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندي ته جيئن پاڪستان ??ي ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي وڌ کان وڌ سمجهي سگهي.