اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن خاص طور تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي اعليٰ تعليم جاري رکڻ ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ خصوصي تعليمي ٽولز متعارف ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو تعداد هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صد?? ۾ علامه ا??بال ا??پن يونيورسٽي اسلام آباد بابت اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ علامه ا??بال ا??پن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءُ قيوم ۽ يونيورسٽي جي سينئر انتظاميه شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي صد?? نوجوانن کي روزگار جي قابل هنر، خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت تي ٻڌل ڪورس جي ضرورتن تي زور ڏنو. هن چيو ته علامه ا??بال ا??پن يونيورسٽي کي ملڪ ۾ گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ ??اص??اتي تعليم جي طريقن جي ذريعي پنهنجي پهچ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، صد?? يونيورسٽي جي انتظاميه تي زور ڏنو ته ا?? سلسلي ۾ جديد ترين آءِ سي ٽي ٽولز کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي، ان موقعي تي علامه ا??بال ا??پن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته گذريل ٻن سالن دوران علامه ا??بال ا??پن يونيورسٽي پنهنجي ” ڊجيٽل ٽرانفارميشن پاليسي“ تحت پراڻي پئماني تي فني مداخلت جي ذريعي پنهنجي آپريشن کي تبديل ڪيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته علامه ا??بال ا??پن يونيورسٽي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهرين يونيورسٽي آهي جنهن اپليڪيشن جو هڪ جامع نظام شروع ڪيو جنهن يونيورسٽي جي سڀني تعل??مي??انتظامي ۽ مالياتي عمل کي خودڪار ٺاهي ڇڏيو آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ته اداري ۾ هن وقت 12 لک کان وڌيڪ شاگرد آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 44 لک 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد مختلف شعبن ۾ گريجوئيٽس ڪري چڪا آهن، صد?? يونيورسٽي پاران کنيل قدمن خاص طور تي اداري جي پهچ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي وڌائڻ جهڙي قدمن کي ساراهيو.