اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿيلسيميا ۽ رت جي ٻين بيما??ين جي روڪٿام لاءِ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرض کان بچاءُ جي لاءِ احتياط ۽ آگاهي ضروري آهي، ملڪ ۾ پوليو جي خلاف ڪاميابي سا?? مهم هلائي وئي، غذائي کوٽ جو معاملو انتهائي اهم آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ۾ پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد عمر، ڊاڪٽر جمال ناصر، زمرد خان، پاڪستان ٿيلسيميا ويلفيئر سوسائٽي جي عهديدارن، طبي ماهرن، غيرسرڪاري تنظيمن جي نمائندن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٿيلسيميا جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم لازمي آهن ته جيئن مريضن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ٿيلسيميا سميت ٻين بيما??ين جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ موثر طريقي تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ٿيلسيميا جي مرض جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر ۽ ان جا منتطمين ان حوالي سا?? بهت??ين ۽ قدر جوڳو ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ٿيلسيميا جي حوالي سا?? ڪافي ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستاني انساني همدردي جي جذبي سا?? سرشار آهن ۽ ملڪ ۾ سرندي وارن جي ڪا کوٽ نه آهي، ڪورونا جي دوران سمارٽ لاڪ ڊائون سا?? ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته ان جي ابتڙ پوري دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي خلاف هڙتالون ٿيون، موٽاپو ۽ ذيابيطس وڌي رهيا آهن جڏهن ته هيپاٽائيٽس به پکڙجي رهيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خدا جي مخلوق جي مدد ڪندڙن کي الله ويجهو رکي ٿو. صدر چيو ته وقت سر ڪوششن ۽ علاج جي نتيجن سا?? ڪيت??ين ئي بيما??ين کي روڪي سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ پوليو جي خلاف ڪامياب مهم هلائي وئي، ڪورونا جو مقابلو ڪيو ۽ ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪورونا جي وبا دوران دنيا جي پڙهيل لکيل قومن ۾ وڌيڪ مزاحمت هئي، ان دوران اسان جي قوم ذميواري جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ هڪ سنگين مسئلو آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسٽنٽنگ جا اثر سدائين رهن ٿا جڏهن ته غذائي کوٽ سا?? واڌويجهه تي منفي اثر پوي ٿو، حڪومت احساس پروگرام ۾ ان مسئلي تي پنهنجو ڌيان ڏنو آهي. تقريب کي پاٿ ويل بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي صدر ميجر جنرل (ر) صحيب احمد پڻ خطاب ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي اداري جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو.