فيصل آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم ع??را?? خان جي صدارت ۾ گوجرانوالا ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد فيض الحسن شاهه، حاجي امتياز احمد چوڌري، چوڌري شوڪت علي ڀٽي ۽ وجيهه اڪرم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سليم سرور جوڙا، ميان محم?? اختر حيات، چوڌري لياقت علي، محمد ارشد چوڌري، محم?? اخلاق، محمد طارق تارڙ، گلريز افضل گوندل ۽ محمد احمد چٽه به شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ لاڳاپيل تڪن جي سياسي معاملن ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. وز??راعظم سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا مهم تيز ڪن ۽ عوام جي مسئلن جي جلد کان جلد حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان گڏجي ڪم ڪن، وز??راعظم کين ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.