اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين اعجاز احمد قريشي کي وفاقي محتسب جون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفاقي محتسب پنهنجي تجربن ۽ بهترين حڪمت عملي سان فوري ۽ سستي ??نصاف جي فر??همي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خو??حالي لاءِ سستو ۽ فوري انصاف جي فر??همي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، عام ماڻهو جي مسئلن جو فوري حل ڪنهن به حڪومت جي اولين ترجيح هوندو آهي، عوام مسئلن جي حل لاءِ محتسب جهڙي بهترين اداري سان رجوع ڪن. هن چيو ته فوري ۽ سستي ??نصاف جي فر??همي ۾ وفاقي محتسب جو ڪردار مثالي رهيو آهي، عوام کي سستو ۽ فوري انصاف فر??هم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ خاص طور تي ??ينيٽ موثر قانونسازي ڪئي آهي، فوري ۽ سستي ??نصاف جي فر??همي لاءِ قدم کڻي پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي مر??زي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عوامي شڪايتن جي موثر حل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو وڃي، وفاقي محتسب پاران مسئلن جي حل ۽ فوري انصاف جي فر??همي لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ??عزيت جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فر??ز به موجود هو.