اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عو??مي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري رد ڪري ڇڏي. اوگرا پيٽرول 11 رپيا ۽ ڊيزل 14 رپيا في ليٽر وڌائڻ جي سمري م??ڪل?? هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پ??ران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي جي ڪري تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن پر پاڪستاني عوام ??ي ان مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪندي. ان لاءِ وزيراعظم ان سمري کي رد ڪري ڇڏيو. هن وقت حڪومت ان وڌندڙ قيمت جو بار پنهنجي مٿان کڻندي ۽ عوام ??ي اضافي بار کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي.