اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ??هي ته ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي موثر لائحه عمل اختيار ڪري قدم کڻڻ سان بهتري ممڪن ٿي سگهي ٿي، پاڪستان جي عوام ?? ادارا ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ انهن جي آزادي کي حاصل ڪرڻ تائين ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم ??ڪج??تي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ڪيو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 5 فيبروري جو ڏينهن ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جو ڏينهن آهي، جنهن کي ملڪ ۾ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ڪشميرين سان مڪمل ??ڪج??تي جو ڏينهن آهي، ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جون سڀئي سياسي پارٽيون، ادارا ۽ سڄي قوم هڪ زبان آهي. ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب هوندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ سڄي دنيا ۽ خاص طور تي گڏيل قومن جي انسان?? حقن جي تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته انتها پسند ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنج آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۾ تبديلي ڪري انسان?? حقن جي پائمالين جي بدترين مثالون قائم ڪندي لکين ڪشميرين کي انهن جي بنياد?? حق کان محروم ۽ نظربند ڪري ڇڏيو آهي، انتهاپسند ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هندوئن جي نوآبادڪاري جي سازش کي فروغ ڏئي رهيو ??هي ته جيئن والاريل ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، صادق سنجراڻي چيو ته ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي بربريت، ظلم ۽ زيادتي ۽ انسان?? حقن جي بدترين پائمالين سان نه رڳو ڀارت جو مڪروه چهرو سڄي دنيا ۾ ظاهر ٿيو ??هي پر انهن جي غير قانوني قدمن تي آواز اٿي رهيا آهن، ڀارت جي موجوده حڪومت نه رڳو ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پر ڀارت ۾ رهندڙ سڀني اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي وقت اچي چڪو ??هي ته گڏيل قومن جي انسان?? حقن جا ادارا، تنظيمون ۽ جمهوريت پسند ملڪ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرن جي خواهشن موجب حل ڪرڻ ل??ءِ قدم کڻي.