اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) ايوان صدر اسلام آباد جي جامع مسجد مان ”اسلام ۾ خاندان جي نظام جو تصور“ جي موضوع تي معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ڊاڪٽر ??ني?? احمد جمعي جو خطبو ڏنو. ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر ??ني?? احمد جمعي جي خطبي ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ خاندان جي اهميت ۽ تقويٰ جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته خاندان تربيت ڏيڻ جو پهر??ون ادارو هوندو آهي، خاندان معاشري جو محفوظ هجڻ جي ضمانت آهي، هن چيو ته اسلام جي تصور ۾ خاندان ۾ مرد ۽ عورت برابر آهن الله تعاليٰ هڪ نفس کان ان ??و جوڙو تخليق ڪيو، هن چيو ته خاندان جو تصور محدود نه پر وسيع آهي، جديد تهذيب خاندان جي نظام کي نقصان پهچايو آهي، تقويٰ جو مفهوم الله جي خوشنودي حاصل ??رڻ آهي، سڀني معاملن ۾ الله جي رضا حاصل ??رڻ وارا متقي هوندا آهن، اسلام ۾ رهب??ني?? جو ڪو تصور نه آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ??رڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.