اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽريز، سفيرن ۽ حڪومتي ترجمانن جو اهم اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ 19 ڊسمبر تي م??عقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي م??صدن ۽ افغانستان جي صورت??ال کان شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. هن چيو ته ان اجلاس جو مقصد لکين افغانين کي درپيش انس??ني بحران جي تدارڪ ۽ انس??ني بنيادن تي ان جي مدد طرف عالمي برادري جو ڌيان ڏيارڻ آهي، پاڪستان جي افغانستان جي امن ۽ امان ۽ اتان نڪرڻ بابت ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو. شاهه محمود قريشي چيو ته 15 آگسٽ کانپوءِ اسان افغانستان جي ويجهي پاڙيسري م??ڪن کي اعتماد ۾ ورتو، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري م??ڪن جو پهريون اجلاس پاڪستان، ٻيو تهران ۾ ٿيو جڏهن ته ٽيون اجلاس چين ۾ متوقع آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان گڏيل لائحه عمل جي جوڙجڪ ۽ علائقائي رابطن جي فروغ کي نظر ۾ رکندي علائقائي م??ڪن سان رابطن ڪيو، هاڻي افغانستان جي ويجهي پاڙيسري م??ڪن جو هڪ پليٽ فارم قائم ٿي چڪو آهي، اسان جون ڪوششون فائديمند ثابت ٿي رهيون آهن، عالمي برادري افغانستان ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ دنيا سمجهي ٿي ته افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي م??اد ۾ نه آهي، عالمي برادري انس??ني بنيادن تي افغانستان جي مدد لاءِ راضپو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري جا ڪجهه خدشا آهن جنهن ۾ افغانستان ۾ انس??ني بنيادن تي حقن جي پاسداري، دهشتگردي جي تحفظ ۽ محفوظ واپسي جهڙا شرط شامل آهن، هن چيو ته 21 آڪٽوبر تي م??ن پنهنجي ڪابل دوري جي دوران افغانستان جي عبوري قيادت تي واضح ڪيو ته دنيا کي توهان سان ڪجهه اميدون لاڳاپيل آهن جنهن لاءِ توهان کي گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي، مون کي اسٽريٽجڪ ڳالهين جي سلسلي ۾ برسلز وڃڻ جو موقعو مليو، پرڏيهي وزير چيو ته مون يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري سربراهه سان ملاقات ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ وڌندڙ معاشي ۽ انس??ني بحران طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته ان جا خراب اثر نه رڳو پاڪستان ۽ خطي پر پورو يورپ متاثر ٿيندو، پرڏيهي وزير چيو ته اسان واضح ڪيو ته افغانستان جي صورت??ال تي ضابطو آڻڻ لاءِ افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو وپندو. مسلمان امت جي اجتماعي آواز هجڻ جي ناطي، اسان سمجهون ٿا ته افغانستان جي صورت??ال کي م??هن ڏيڻ لاءِ او آءِ سي هڪ اهم پليٽ فارم ثابت ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ سعودي عرب جڏهن او اءِ سي جي سربراهه جي حيثيت سان افغانستان جي صورت??ال تي غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني ته پاڪستان ان تجويز جي مڪمل حمايت ڪئي، شاهه محمود قريشي چيو ته انهي ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان، 41 سالن کانپوءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي م??زب??ني ڪرڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته اڄ 11 آمريڪي ڪمانڊرز ۽ سفيرن جي صحيحن سان، آمريڪا ۾ شايع ٿيندڙ ايڊيٽوريل ۾ لکيو ويو آهي ته افغانستان معاشي تباهي جي طرف وڃي رهيو آهي، معاشي پابنديون صورت??ال کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿي رهيون آهن، انهن 11 شخصيتن ۾ اهڙا ماڻهو شامل آهن جيڪي افغانستان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي سفيرن جو بيانو پاڪستان جي بي??ني سان هڪجهڙائي رکي ٿو، افغانستان جو 75 سيڪڙو بجيٽ ٻاهرين امداد تي هو جيڪو بند ٿي چڪو، افغانستان جا پنهنجا فنڊ منجمند ٿي ويا، پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ گذريل ٻن سالن کان ڏڪار جي صورت??ال آهي، ڪيترائي افغ??ني شهري م??ڪ کان ٻاهر رهندا آهن ۽ پنهنجي رشتيدارن جي مدد ڪرڻ چا??ين ٿا ۽ هو افغانستان ۾ بئنڪنگ چئنل نه هجڻ جيڪ ري مدد فراهم ڪرڻ کان قاصر آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام موجب 95 سيڪڙو افغانن وٽ کاڌي لاءِ ڪجهه نه آهي، ان صورت??ال تي ضابطو نه آندو ويو ته گذريل 20 سالن کان استحڪام ۽ امن امان لاءِ ڪيل ڪوششون مٽي ۾ ملي وينديون، اسان گڏيل قومن جي ادارن، پي 5 جي نمائندن ۽ اهم يورپي م??ڪن جي نمائندن کي به ان غير معمولي اجلاس ۾ دعوت ڏني آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ان اجلاس ۾ افغانن کي به مدعو ڪيو آهي ته جيئن هو پنهنجو موقف سڀني جي سامهون پيش ڪري سگهن، شديد سردي جي ڪري افغانستان ۾ صورت??ال ڀيانڪ ٿي سگهي ٿي، شاهه محمود قريشي يو ته افغان چا??ي ٿو ته کيس اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ٿورو وقت ڏنو وڃي، اسان چا??يون ٿا ته ان بحران کي به منهن ڏنو وڃي ۽ ان جي امداد جو به ڪو وسيلو نڪري سگهي، افغانستان جي معاملي تي قومي اتفاق راءِ موجود آهي، هن چيو ته اسان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳوڻن کي به ان اجلاس ۾ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.