گوجرانوالا-03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ذ??يع?? ڪرايون وينديون ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق به ملندو. پنجاب ۾ ايندڙ مڪاني چونڊون به اي وي ايم ذ??يع?? ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گوجرانوالا ۾ اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سڄي ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ـ صاف سٿ??ي سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي پارٽيون چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي رڙيون ڪنديون آهن، پر پي ٽي آءِ و??حد پارٽي آهي جنهن چونڊ سڌارن جي ذميواري کنئي ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي جنهن تحت ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذ??يع?? ڪرايون وينديون. ڌانڌليءَ جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جمهوري لحاظ کان هٿي ملندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اهڙي مڪاني نظام جو خواهشمند آهي جنهن ۾ حقيقي طور تي اقتدار جي منتقلي ٿئي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته عوام جو چونڊيل نمائندو پ??هن??ي تڪ جي اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين شين جو فيصلو ڪ??ي سگهندو. هن چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل وعدا پورا ڪري رهي آهي.