اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عدليه تي حملو ڪرڻ، ججن تي الزام هڻڻ، وڊيو ٺاهڻ (ن) ليگ جي تاريخ رهي آهي، ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، چيف جسٽس جي سوموٽو نوٽيس جي آجيان ڪريون ٿا، وزيراعظم عمران خان سان ??تح??دي پارٽين جي ميمبرن جي ملاقات ۾ انهن جا خدشا ختم ڪيا ويا، سمورن ??تح??دين وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستا?? تحريڪ انصاف تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي گهرايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم جي الزامن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترو کل جوڳو لطيفو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان مون وٽ آيو، اسان چانهه پي رهيا هئاسين، اوچتو چيف جسٽس کي خيال آيو هن فون کنيو ته ??لاڻي جج کي فون ڪريان. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان ڪنهن جج جو نالو کڻي اخبار ايتري وڏي هيڊ لائين لڳائي غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو، اخبار اهو چيڪ ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ته جنهن جج جو نالو ورتو پيو وڃي اهو جج بئنچ ۾ شامل ئي نه آهي. هن چيو ته ??يڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، اهڙي طرح ڪا خبر وڏي اخبار ۾ بنا ايڊيٽوريل نه ٿي لڳي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سو موٽو جي آجيان ڪندي چيو ته (ن) ليگ جي شاهد خاقان عباسي ۽ خواجه آصف سو موٽو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پوءِ عدالتن کي اسڪينڊل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي انهن ٻنهي ڄڻن کي به پنهنجي سوموٽو نوٽيس ۾ آڻڻ گهرجي، جڏهن ججن نوٽيس وٺي ڇڏيو هو ته انهن جو ڪم نه بڻجي ته اهي ان تي پريس ڪانفرنس ڪن. هن چيو ته ??زيراعظم عمران خان سان پاڪستا?? تحريڪ انصاف جي ??تح??دي پارٽين جي ميمبرن جي ملاقات ٿي آهي، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم، ??سل?? ليگ (ق)، بلوچستان عوامي پارٽي سميت سمورين ??تح??دي پارٽين جي قيادت ملاقات ۾ موجود هئي. ??تح??دين جا اعتراض تفصيل سان ٻڌا ۽ انهن کي ختم ڪيو ويو. سمورن ??تح??دين وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستا?? تحريڪ انصاف جي قيادتت تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو فيصلو ٿيو آهي ته ??ارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع ڏينهن ٻه وڳي طلب ڪيو ويندو، اليڪٽورل ريفارم جا بل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا، سمورا ??تح??دي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن.