نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارتي انسانيت لڄائيندڙ ظلمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڪشمير مسئلي تي ڀارت سان بامعنيٰ ۽ نتيجن وارين ڳالهين لاءِ تيار آهي، تنهن هوندي به ڳالهين کان اڳ ڀارت کي سازگار ماحول بڻائڻو پوندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ پنج آگسٽ جا تڪراري قدم واپس وٺڻا پوندا، ڪشمير مسئلي کي گڏ??ل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي ??منگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ ڄمون ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي ??جلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان 80 لک ڪشميري بدترين گهيراءُ، بنا جواز گرفتارين ۽ غير معمولي پابندين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڀارتي قابض فوج مظلوم ڪشميرين کي ان ڏاڍ ۽ ظلم جي ??لاف آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪارن قانونن جو سهارو وٺي ناقابل بيان ظلم ڪري رهي آهي جڏهن ته هندو توا ۽ آر ايس ايس جي ??وچ جي ??امل بي جي پي سرڪاري ڪشميرين جي ??صوصي حيثيت کي ختم ??رڻ لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي پويان آهي، ان کانسواءِ پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوميسائل قانونن ۾ ترميم ڪري 42 لک جعلي ڊوميسائيل شرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي بربريت جو تازو مثال بزرگ ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت سان روا رکيل بدترين سلوڪ آهي جيڪو پهرين سيپٽمبر تي ڊگهي ڀارتي نظربندي جي ??وران لاڏاڻو ڪري ويو، عين ان وقت جڏهن سندس گهرڀاتي سندس لاڏاڻي تي سوڳ جي ??الت ۾ هئا ۽ ان جي ??نازي نماز جي ??ياري ۾ مصروف هئا، ڀارتي قابض فوج گهر ۾ زبردستي گهڙي ان جي ??سد خاڪي کي ڇني ورتو ۽ نه اسلامي روايتن موجب ان جي ??نازه نماز ٿيڻ ڏني وئي ۽ نه ئي کيس ان جي وصيت موجب ”قبرستان شهيدان“ ۾ تدفين جي ??جازت ڏني وئي، ڀارتي حڪومت سيد علي گيلاني جي ??رز عمل کان ايتري قدر ڊنل هئي جو ان جي لاڏاڻي کانپوءِ به ان سان غير انساني سلوڪ روا رکيو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري جو ڌيان ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ جاري ڪيو آهي، ان 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي ??ينئر آفيسرن پاران 3432 جنگي ڏوهن جا حوالا ڏنا ويا آهن، هن چيو ته جيستائ??ن ڪشمير مسئلي کي گڏ??ل قومن جي ??لامتي ڪائونسل ۽ ڪشميرين جي ??منگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. شاهه محمود قريشي يو ته پاڪستان هندستان سان ڪشمير تڪرار جي ??ل لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي پر ان لاءِ هندستان کي ماحول سازگار بڻائڻو پوندو ۽ پنج آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻا پوندا. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلا وڏي عرصي کان گڏ??ل قومن ۽ او آءِ سي جي ??يجنڊا تي آهن، او آءِ سي پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي مسلسل ۽ اڻٽر حمايت قابل تحسين آهي جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين طرف ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ خالي هٿ??ن ڪشميري پنهنجون نظرون او آءِ سي ۽ مسلمان امت ڏانهن کڻي ويٺل آهن، شاهه محمود قريشي ميمبرن تي زور ڏنو ته توهان سڀ ڪشمير مسئلي کي جنرل اسيمبلي، هيومن رائٽس ڪائونسل سميت گڏ??ل قومن جي ??مورن فورمن تي کڻڻ ۾ اسان جي ڀرپور مدد ڪريو.