دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته خطي جي ملڪن خاص طور تا??ڪستان جا سيڙپڪار انهن موقعن مان فائدو کڻي س??هن ٿا، علائقائي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي حڪومت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، جنهن سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، هن اها ڳالهه پاڪستان تا??ڪستان بزنس فورم سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به وزيراعظم سان گڏ هو، ٻط??فو واپار وڌائڻ جي حوالي سان اهميت رکندڙ فورم واپار واري وزارت، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي تعاون سان من??قد ٿيو، فورم ۾ 67 پاڪستان جڏهن ته 150 تا??ڪ ڪمپنيون شريڪ ٿيون، فورم ۾ شريڪ ڪمپنين جو تعلق ٽيڪسٽائيل، چمڙي جي صنعت، فارماسيوٽيڪل، ايگريڪلچر، مائننگ، ٽوئرازم، لاجسٽڪس جي شعبن سان آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کان 67 ڪمپنيون تا??ڪستان آيون آهن، ٻنهي ملڪن جي واپارين کي سهولتون ڏيڻ بابت قدم کنيا ويندا ۽ ڪاروباري ۾ آساني پيدا ڪئي ويندي، تا??ڪستان ۾ توانائي خاص طور تي پن بجلي جي حوالي سان تمام گهڻا موقعا موجود آهن، بدقمستي سان پاڪستان ۾ بجلي مهانگي آهي، اسان صاف، سستي پن بجلي مان فائدو وٺڻ جا خواهشمند آهيون، ڪاسا 1000 من??وبي تي ڪم تيز ٿيڻ گهرجي، من??وبي جي جلد پڄاڻي چاهيون ٿا، 80 ملين ڊالر جو گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، حڪومت ڪاروبار لاءِ من??سب سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون وينديون، وزيراعظم چيو ته ٻط??في واپار سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 40 سالن جي جنگ کانپوءِ امن قائم ٿيو آهي. جامع حڪومت جي قيام سان پاڻ ۾ رابطا وڌندا، بزنس فورم ۾ سوالن ۽ جوابن جي ويهڪ به ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ڪاروباري شخصيتن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان ۽ خطي ۾ ڪاروباري موقعا اجاگر ڪيا ويا.