اسلام آباد – 16 ̵1; س??پٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي روانو ٿي ويو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو ??ورو به ڪندو. وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او جي 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪندو. دوري دوران وزيراعظ?? ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪند??، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم عمران خان سان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ هوندو.