اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آن لائين ۽ پيشيواراڻي تعليم ۾ آسانيون پيدا ??ري اسان نه رڳو اعليٰ تعليم کي فروغ ڏئي سگهون ٿا پر مارڪيٽ جي طلب ۽ پهچ جي ضرورتن جي ڏس م تعليمي ضرورتن کي پورو ??ري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيسٽ ??ونيورسٽي ٽيچر ايوارڊ 2020ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت ملڪ ۾ هڪ جهڙي تعيلمي جو نظام خواب پورو ??ري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي پر تعليمي معيار ۾ به??ري وقت جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انفراسٽرڪچر ۾ به??ري سان گڏوگڏ نصابي مواد تي معيار جو دارومدار آهي. هن چيو ته حڪومت اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو آهي، ا??ساس پروگرام ۾ تعليم جي فروغ لاءِ وظيفا رکيا ويا آهن، حڪومت ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏئي آهي ته جڏهن ته تعليمي ادارن پاران پڻ شاگردن کي وظيفا ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته ڪورونا دوران آن لائين تعليم جو سلسلو جاري رهيو، آن لائين تعليمي نظام کي فروغ ڏئي تعليمي خرچن ۾ گهٽتائي ??ري سگهجي ٿي ڇو ته ان تدريس جي طريقي سان فزيڪل اسٽرڪچر جو گهٽ کان گهٽ استعمال ٿيندو جڏهن ته تعليمي مواد به آن لائين دستياب هوندو. صدر چيو ته ورچ??ئل تعليمي نظام جديد دور جي ضرورت آهي، ورچ??ئل يونيورسٽي گهٽ تعليمي خرچن سان معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري رهي آهي. هن چيو ته موجوده دور موجب نصاب متعارف ڪرائڻ وقت جي ضرورت آهي، يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ انجنيئرز، ڊاڪٽرز ۽ پيشيور ماهر نوڪرين جي ڳولا ۾ ٻاهرئين ملڪ ويندا هئا پر هاڻي ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان جا هنرمند ماڻهو ملڪ ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ روزگار جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر چيو ته خطي ۾ اعليٰ تعليم جي حوالي سان پاڪستان اڃا پٺتي آهي، پاڪستان جي ترقي ۾ تعليم جو بنيادي ڪردار آهي. هن چيو ته تعليم جي فروغ ۽ معيار جي به??ري ۾ نصابي مواد ۽ استادن جي پڙهائڻ جو انداز انتهائي اهم آهي، جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ۾ وزن هجي ته ماڻهو ان تي يقين ڪن ٿا، انساني لاڳاپن جو بنياد به ڪميونيڪشن تي آهي، قومن ۽ خاندانن ۾ به رابطي ۾ ڪميونيڪشن جو اهم ڪردار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته يونيورسٽين جي استادن کي ميرٽ تي اهي ايوارڊ ڏنا پيا وڃن، يونيورسٽين ۾ تعليم جي معياري فراهمي ۽ تعليم تائين پهچ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته يونيورسٽيون قائم ڪرن سان گڏوگڏ فيڪلٽي ڊيولپمينٽ تي ڌيان ڏيڻ جي صرورت آهي، يونيورسٽين ۾ تعليم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن جي وچ ۾ رابطا هجڻ گهرجن. صدر ڊاڪٽر تسليم انصر آغا خان يونيورسٽي، ڊاڪٽر محمد واصف اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي زرعي يونيورسٽي ملتان کي بيسٽ ??ونيورسٽي ٽيچر ايوارڊ 2020ع ڏنو.