ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي ايوان نوادرات قائداعظم ۾ محققين ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ تاريخي نوادرات بابت معلومات کي ڊيجيٽل طريقي سان فراهم ڪرڻ سان گ??وگ?? شوڪيسز ۾ مناسب روشني جو انتظام ڪرڻ سميت سياحن جي لاءِ سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو گورنر هائوس ۾ ايوان نوادرات قائداعظم ۽ ني??نل ميوزيم آف پاڪستان جي رنگ روغن ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي سينيئر عملدارن ۽ قائداعظم جي مزار جي مئنيجمينٽ بورڊ جي ع??ديدارن پڻ شرڪت ڪئي.