اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان زراعت، دفاع سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ، سربراهي سطح تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مير زيوئيف جي وچ ۾ پهريون ورچوئل سربراهه اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گڏيل علائقائ?? ۽ ??المي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين سان جڙيل پاڪ – ازبڪستان لا??اپن جي گهرائي تي ر??شني وڌي. هن اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا جي ر??تار کي برقرار رکڻ ۽ رفتار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. خاص طور تي سياسي، واپاري، سلامت?? ۽ ??فاع، تعليم?? ۽ ??قافتي سطحن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏ گڏيل تعاون جي شعبن جو جائزو ورتو. هن روحاني (زيارت) سياحت سميت ماڻهن سان عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، وزيراعظم عمران خان سياس?? ۽ ??فارتي رابطا وڌائڻ، واپار ۽ معاشي تعاون، ترجيحي واپار جي معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (ٽي ٽي اي) جي جلد حتمي ڳالهين کي يقيني بڻائڻ، سيڪيورٽ?? ۽ ??فاعي تعاون ۾ اضافو ۽ قدم کڻڻ جي اهميت تي ر??شني وڌي، هن چيو ته تعليم، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم ريل، رستي ۽ هوائي رابطي جي اهميت تي ر??شني وڌي ۽ گڏيل فائديمند حصيداري کي وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ موجود وسيع موقعن تي ر??شني وڌي.