اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) گهرو وز??ر شيخ رشيد احمد چيو آهي ته جتي سڀني لاءِ قانون، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي وسيلا هڪجهڙا هجن اهڙي رياست جي منزل وڌيڪ پري نه آهي. پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن اهو ياد ڏياري ٿو ته ڪهڙي طرح 81 سال پهرين اسان هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جو وچن ڪيو، اهڙي رياست جتي سڀني جي لاءِ قانون هڪجهڙو ??جي. معاشي، سماج??، ثقافتي وسيلا هڪجهڙا هجن.