اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سول ڊرون ٽيڪنالاجي جي فروغ، ترقي ۽ ان اهم شعبي کي ر??گيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊرون اٿ??رٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سول ڊرون اٿ??رٽي وٽ ڊرون ٽيڪنالاجي کي ر??گيوليٽ ڪرڻ، لائيسنس جاري ڪرڻ، امپورٽ ۽ ملڪ ۾ پيداوار جي اجازت ڏيڻ جا اختي??ر هوندا، اٿ??رٽي ڊرونز جي مينوفيڪچرنگ، آپريشنز، ٽريننگ ۽ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ذميواريون سرانجام ڏيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اٿ??رٽي کي ڏنڊ ۽ سزا، لائيسنسن کي ملتوي ڪرڻ ۽ قانوني چاره جوئي جا اختيار پڻ حاصل هوندا. ايوي ايشن ڊويزن جو سيڪريٽري اٿ??رٽي جو سربراهه هوندو. ٻين ميمبرن ۾ ايئر فورس، سول ايوي ايشن، دفاعي پيداوار، گهرو معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا سينيئر ليول آفيسر شامل هوندا. سمورين وفاقي ڌرين بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان به هڪ هڪ نمائندو شامل هوندو. ان کانسواءِ شعبي جا ٽي ماهر پڻ اٿ??رٽي جو حصو هوندا. اٿ??رٽي ۾ سمورين ڌرين جي شموليت اٿ??رٽي جا فرض سرانجام ڏيڻ ۽ ادارن جي وچ ۾ بهترين ڪوآرڊينيشن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چ??و ته ڊرون ٽيڪنالاجي کي ڪمرشل، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، ايگريڪلچر ۽ ٻين پرامن مقصدن جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چ??و ته اٿ??رٽي قائم ڪرڻ سان نه رڳو ان حوالي سان موجود خال کي ڀري سگهبو جيڪو ڊرون جي حوالي سان ڪو قانون نه هجڻ جي ڪري موجود آهي پر هي اٿ??رٽي ڊرون ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ ان جي ملڪ ۾ پيداوار ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي، ڊرون ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال سان وسيلن جو موثر استعمال ۽ سروس ڊيليوري ۾ بهتري ۾ مدد ملندي.