اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي ??ي جاچ جي حوالي ??ان ڪميٽي بدران ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي، انڪوائري ڪميشن براڊ شيٽ معاملو سامهون اچڻ تائين جي مدي جي جاچ ڪندي، ڪميشن ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ۽ دستاويز حاصل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي درآمد جي حوالي ??ان نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران سفارشن جي منظوري ڏني، ڪابينا 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀپرور طريقي سان ملهائڻ جي عزم کي ورجايو، سينيٽ جون چو??ڊو?? شفاف انداز سان ڪرائڻ جي لاءِ اوپن بيلٽ اليڪشن جي لاءِ ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪئي و??ند??، پي ٽي آءِ کي فارن فنڊنگ ۾ ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ ڦاسي چڪي آهي، وراثتي ليڊرز هر غلط ڪم جا سرپرست آهن، لاهور قبضا معاملو واضح ثبوت آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏ??ند?? ٻڌايو ته اڄ ڪيترائي اهم موضوع بحث هيٺ آندا ويا. اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار پاران وفاقي ڪابينا کي حڪومت جي ڪفايت شعاري ۽ نئين سر جوڙجڪ بابت ٽاسڪ فورس پاران وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ 70 هزار خالي ??ايون ختم ڪرڻ، وفاقي حڪومت جي ادارن جو انگ 441 مان گهٽ ڪري 324 تائين رکڻ جي حوالي ??ان اداراجاتي سڌارن تي تفصيلي ??ريفنگ ڏني وئي.