اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عمران خان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، اليڪٽورل ووٽ جي امين ??اڻهن کي عوام جو ووٽ غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڪيئن هڪ قانون کي گهربل شخص کي پاسپورٽ ڏئي مدد ڪري سگهون ٿا، ائين ??ه ٿو ٿي سگهي اسان سهولتڪار بڻجون ۽ نواز شريف ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃي. هو صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿي?? جنهن ۾ سينيٽ چونڊن بابت ميڊيا حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن سياست ۾ پئسي جي ڪلچر کي عام ڪيو، اسان جو واضح موقف آهي ته پئسي جي سياست ختم ڪري اهليت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏنو وڃي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست اڄ شام تائين ??ڪمل ٿي ??ين??ي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مريم نواز مڃي ورتو ته پي ڊي ايم جو مستقبل اونداهي ۾ آهي، مريم نواز ٻاهرئين ??لڪ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي انهن کي اهڙيون بيماريون ڇو ٿي??ن لڳن جن جو پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه آهي. هن چيو ته مريم نواز اهڙي قسم جي بيانن سان ٻاهرئين ??لڪ وڃڻ جي راهه هموار ڪري رهي آهي، حڪومت پاران مريم نواز کي ٻاهرئين ??لڪ وڃڻ جي اجازت قطعي طور نه ڏني ??ين??ي.