اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمان?? اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وا??رس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گ??ري?? 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 50 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 33 ما??هو ان وا??رس سبب فوت ٿيا جنهن مان 30 ما??هو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گ??ري?? 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هزار 378 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 596، پنجاب ۾ 12 هزار 32، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 831، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 917، بلوچستان ۾ 356 ، گلگت بلتستان ۾ 302، آزاد ڪشمير ۾ 344 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 24 هزار 834 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 218 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 61 هزار 82 آهي.