اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اسد قيصر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، قانونسازي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ فرانسيسي جريده ۾ ٻيهر گستخانه خاڪن جي ڇپائي انتهائي قابل مذمت قرار ڏنو. ??سپ??ڪر چيو ته مسلمان امت اجتماعي سطح تي ان معاملي کي گڏيل قومن ۽ فرانسيسي حڪومت سامهون اٿاري، مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، پارليامينٽ طرفان گستاخانه خاڪن جي ڇپائي جي معاملي کي عالمي سطح تي اٿاريو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي کي اولهه دنيا ۾ اسلامو فوبيه جي تدارڪ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ??اڪ??تان ۾ اقليتن کي پنهنجي مذهبي عبادتن جي ادائيگي ۽ پنهنجي عقيدي موجب زندگي ??سر ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي، قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر چيو ته بين المذاهب هم آهنگي وقت جي ضرورت آهي.