اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ڪافي بهتري آئي آهي، جنهن جي ڪري مارڪيٽون، مالز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، ريسٽورانٽس، سئن??ما گهر، ٿي??رز، جمز ۽ پبلڪ پارڪس 10 آگسٽ کا?? کوليا ويندا، تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کا?? کوليا ويندا، 7 سيپٽمبر تي آخري ريويو ڪنداسين، ميرج هالز کي 15 سيپٽمبر تي کوليو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کا??پوءِ صحافين کي بريفنگ ۾ هن چيو ته 7 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ جو حتمي جائزو ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ 8 آگسٽ کا?? سياحتي علائقن جي هوٽلز کوليون وينديون، ان کا??سواءِ 10 آگسٽ کا?? جمز، ٿي??رز ۽ سئن??ما هالز پڻ کوليا ويندا جڏهن ته ڪٻڊي، ملهه ۽ رگبي کا??سواءِ ٻين راندين جي اجازت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري ۽ مارڪيٽون ڇنڇر ڏينهن بند رکڻ جي پابندي ختم ڪئي پئي وڃي. واپاري پراڻي طريقيڪار موجب دڪانون کولي سگهن ٿا. هن چيو ته 15 سيپٽمبر کا?? شادي هالز کولي سگهجن ٿا. پبلڪ ٽرانسپورٽ کي پڻ کوليو پيو وڃي. ميٽرو بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ايڪسپو هالز ۽ بيوٽي پارلرز 10 آگسٽ کا?? کوليا پيا وڃن جڏهن ته مزارن کي پڻ کوليو پيو وڃي. جڏهن ته صوبائي انتظاميا کا?? عرس جي اجازت وٺڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر عوام کي زندگي بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ اها تنبيهه به ڪئي ته جن ملڪن ۾ ڪورونا ختم ٿي??، اتي ٻيهر ڪيسز سامهون آيا، خطرو اڃا ختم ناهي ٿي??، احت??اط لازمي ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ريسٽورانٽس ۾ ٻاهر ۽ اندر ويهڻ جي اجازت هوندي. هوٽلز به شادي جا فنڪشن ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته موٽرسائيڪل تي ڊبل سواري جي پڻ اجازت هوندي.