اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري معيشت کي استحڪام ڏيڻ ۽ ترقي جي راهه تي ??لڪ کي گامزن ڪرڻ جون ڪوششون متاثر ٿيون آهن، حڪومت انهن شعبن کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جن سان معاشي عمل کي فروغ ملي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي ح??ال?? سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نا??ي واري صلاحڪار جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ ان ح??ال?? سان زميني حقيقتن کي سامهون رکندي حڪومت جي ترجيحن کي عملي جام??و پارائڻ جي ح??ال?? سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني.