اسل??م آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان موجوده بحران دوران ذخيره اندوزي ڪند??ن خلاف سختي سان منهن ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ رضاڪار ڪرونا يوٿ ٽائيگر فورس ۽ صحافين جي تحفظ جي لاءِ موبائيل ايپليڪيشن اڄ سومر ڏينهن جاري ڪئي ويندي، ڪرونا وائرس جو واحد علاج احتياط ??هي، ڪرونا وائرس معيشت تي به اثرانداز ٿي رهيو آهي. اه??ن خيالن جو ا??هار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي ڪيو.