اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هن وق?? ڪورونا وائرس دنيا جي 186 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي ۽ 2 لک 77 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 11431 فوتگيون ٿيون آهن، 2 لک 77 هزار ڪيسن مان 92 هزار مڪمل طور تي صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس سبب صحتيابيءَ جو تناسب 97،98 سيڪڙو آهي. وز??را??ظم جي قومي سلامتيءَ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ??يفٽيننٽ جنرل محمد افضال سان گڏ ميڊيا بريفنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وق?? ڪورونا وائرس جي شڪي ڪيسن جو انگ 4046 آهي.