اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مصر سان مخ??لف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ مصر جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائينداسين. هو مصر جي ڪمانڊر انچيف ۽ دفاعي پيداوار واري وزير جنرل محمد احمد زڪي سان ڳالهائي رهيو هو جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.