اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ڀارت طرفان منظور ڪيل سٽيزن شپ ترميمي بل 2019ع کي تڪراري قانون قر??ر ڏيندي ان جي خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي جڏهن ته ان قانون کي بي جي پي جي هندو انتهاپسندي جو نظريو، انساني حقن جي عالمي قانونن ۽ ٻه طرفي تعاون جي خلاف ورزي قر??ر ڏيندي گڏي?? قومن ۽ ٻين عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهو ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته اهو قانون واپس و??ي.