ميانوالي – 22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون پنهنجي ڪرسيءَ بچائڻ جي لاءِ نه تبديلي آڻ?? جي لاءِ اقتدار ۾ آيو آهيان. ماءُ ٻار سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جنهن مدر اينڊ چائلڊ اسپتال جو م??ن پيڙهه جو پٿر رکيو آهي اها هن علائقي جي ضرورت هئي، 23 سال اڳ جڏهن مون ميانوالي ما?? سياست شروع ڪئي ۽ هن علائقي ۾ ويس ته هتان جي عوام جي مشڪلاتن جو احساس ٿيو.