اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپ?? کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي، ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ص??ر ڊاڪٽر عاف علوي سان سعودي عرب شوريٰ ڪائونسل جي وفد جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، ٻطرفي زبردست تعاو?? کي ڌرين جي گڏيل فائدي لاءِ وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر مشڪل وقت ۾ سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ پاڪستان جي م??لي م??د کي ساراهيو. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي سعودي قيادت کي افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي وقت سر قدمن تي م??ارڪباد ڏني، هن او آءِ سي اجلاس ۾ عالمي برادري م??حرڪ ڪرڻ ۽ مالي امداد تي سعودي عرب جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته او آءِ سي ملڪن مشڪل وقت ۾ افغانستان جي عوام کي اميد، يڪجهتي ۽ اتحاد جو مضبوط پيغام ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪ?? کي اسلام فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي م??صوم ماڻهن جي خلاف ڪيل ڀارتي ظلم?? کي به اجاگر ڪيو. هن برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارت تي انساني حقن جي خلاف ورزيون بند ڪرڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ چيو ته پاڪستا?? کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهون ٿا، ٻطرفي لاڳاپ?? کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن صدر کي شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جو مبارڪباد وارو پيغام به پهچايو. هن افغانستان بابت پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي کي م??ارڪباد ڏني.