اسلام آباد – 26 – ??وم??ر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نئين بيلسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو اسان جي دفاعي طاقت ۾ اهم اضافو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ?? هن چيو ته پاڪستان جو ميزائيل پروگرام دنيا جي ڪجهه بهترين ميزائيل پروگرامن مان آهي، زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ نئين بليسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو اسان جي دفاعي طاقت ۾ اهم اضافو آهي، انشاءُ الله اسان جي دفاعي قوت ان شاندار اضافي سان وڌيڪ موثر ٿيندي.