اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و آهي ته صحافت جي نالي تي ٽوڙ ڦوڙ، گهيراءُ جلائو ۽ تشدد تي ڀڙڪائڻ وارو نجم سيٺي بي نقاب ٿي چڪو آهي، ??يڊيا کي اهڙين ڪارين رڍن جو احتساب ڪرڻ گهرجي. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ?? چيو ته دنيا ۾ ڪٿي صحافي تشدد تي اُتساهيندو آهي؟ بطور صحافي نجم سيٺي ڪيئن تشدد جي طرف مائل ڪري ره??و آهي؟ فرخ حبيب سوال اٿاريو ته ڇا معاشري ۾ اصلاح ڪندڙ اهڙا هوندا آهن؟ هن چيو ته نجم سيٺي بي نقاب ٿي چڪو آهي، ??يڊيا کي به ??هڙين ڪارين رڍن جو احتساب ڪرڻ گهرجي.