اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??وجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، نوجوانن کي ??ااختيار بڻائڻ ۽ مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ افرادي قوت جو حصو بڻائڻ لاءِ مختلف هنر سيکارڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر افنان علي ساهي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته ??زيراعظم جو ڪامياب جوان پروگرام نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي قرضن ۽ مهارت تي ٻڌل تربيت جي فراهمي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ??عاشري جي پوئتي پيل طبقن جي مدد ۽ ملڪ جي خوشحال بڻائڻ لاءِ نوجوانن جو ڪردار اڻٽر آهي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر نوجوانن کي ??ااختيار بڻائن ۽ کين مالي قرضن ۽ هنر جي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ??ي قدمن کي ??اراهيو. افنان علي ساهي وفاقي وزير کي پي ٽي آءِ يوٿ ونگ ڊسڪه ج?? ڪنوينشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.