اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته ??ياست جي رٽ قائم ڪرڻ کانسواءِ انتهاپسندي مان ڇوٽڪارو ممڪن نه آهي، موقف پيش ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي جڏهن ته ??ن کي زبردستي مڙهڻ صحيح نه آهي، اسان شدت پسندي سان دنيا کي تباهه ٿيندي ڏٺ?? آهي، شدت پسندي هن وقت ٻيو وڏو مسئل?? آهي، اسان کي ڀارت کان ڪو خطرو نه آهي، اسان جي فوج دنيا جي ڇهين وڏي فوج ۽ اسان ائٽمي طاقت آهيون، ڀارت اسان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، اسلام اعتدال ۽ امن جو درس ڏي ٿو، جيڪو شخص سيرت النبي ﷺ کي سمجهي ٿو اهو ڪيئن شدت پسند ٿي سگهي ٿو؟ اهڙن خيا??ن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته قانون جي عملداري يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، رياست جو ڪنٽرول ختم ٿيو ته ??ٿا قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺن ٿا. هن چيو ته ??ڪومت ۽ رياست شدت پسندي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان صوفين جي سرزمين ۽ درگاهن جو مسڪن هو، هتي هڪ ٻئي کي مڃي هلڻ وا??ا ماڻهو هئا، ٽي سئو سال اڳ جو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ڏسو ته هتي مذهبي شدت پسندي ڪڏهن نه هئي. هن چيو ته ڪجهه سياسي سببن جي ڪري هتي اهڙو عنصر پيدا ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ان وڏي خطري ۾ وٺجي وي?? آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙا استاد ڀرتي ٿيا جن انتهاپسندي کي فروغ ڏنو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ??سلام اعتدال ۽ امن جو درس ڏي ٿو، جيڪو شخص سيرت النبي ﷺ کي سجهي ٿو اهو ڪيئن شدت پسند ٿي سگهي ٿو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته نرم روين جي لاءِ ماحول جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسان ماحول نه ٿا ڏئي سگهون، عام ماڻهو جي زندگي جو تحفظ نه ٿا ڪري سگهون، ڪو ٻيو موقف نه ٿو اچي سگهي ته ??افٽ چينج ڪيئن ممڪن آهي؟ هن چيو ته مولانا حسن جان کي اها فتويٰ ڏيڻ تي شهيد ڪيو ويو ته ??ودڪش حملو اسلام ۾ جائز نه آهي. هن چيو ته ??سلام جي تبليغ توازن تي ٻڌل آهي، اسلامي تعليم جي تشريح ڪندڙ فيصلو ڪن ٿا ته ڪهڙي فلسفي جي ڪهڙي تعبير ٿيندي. هن چيو ته ??رطانيا مقامي لاء انفورسمنٽ نظام قائم ڪيو هو، اسان اهو نظام ته ??تم ڪري ڇڏيو پر ان جو متبادل نظام نه آڻي سگهياسين، ان نظام جا ٽي وڏا ٿنڀ چوڪيدار، نمبردار ۽ ٿاڻيدار هئا، نمبردار جو انسٽيٽيوشن ختم ٿيڻ سان چوڪيدار جو نظام ختم ٿي ويو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخي ڏٺي وڃي ته ڳالهيون وزيراعظم يا گهرو وزير نه پر ٿاڻيدار ڪندو هو. هن چيو ته ??يڪا رياست قانون جي عملداري نه ڪرائي سگهي، ان جي بقاءَ تي تمام جلد سوال اٿن ٿا. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته موقف جو فيصلو سوسائٽي کي ڪرڻ?? آهي. جيستائين اسان قانون جي عملداري کي يقيني نه بڻائينداسين ۽ رياست جي رٽ قائم نه ڪنداسين، شدت پسندي جي لاءِ ڪو نرم رويو نه ٿو اچي سگهي.