اسلام آ??اد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪاليج جي شاگردن جي خلاف پاڪس??ان جي فتح جو جشن ملهائڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ مودي حڪومت جي ناروا حرڪت آهي، ان سان آزادي جي اميد وڌي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ گورنمينٽ ميڊي??ل ڪاليج ۽ شير ڪشمير ميڊي??ل ڪاليج جي شاگردن جي خلاف پاڪس??ان جي فتح جو نشن ملهائڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پاڪس??ان جي فتح ڪشمير جي فتح آهي ته اهي جشن ڇو نه ملهائين؟ مودي جنتا جي اهڙي ناروا حرڪتن سان آزادي جي اميد وڌي رهي آهي.