اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ايران جي سندس هم منصب حسين امير عبداللهيان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي خاص طور تي افغانستان جي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اير??ني پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪست??ني هم منصب مخدوم شاهه محمود قريشي کي ايندڙ هفتي تهران ۾ متوقع افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي سطح جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير علائقائي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ????ڻ جي حوالي سان پاڪستان جي قدم جي مڪمل تائيد ۽ حمايت تي اير??ني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي ان اهم اجلاس جي وقت سر منعقد ڪرڻ تي اير??ني پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه سان علائقائي سطح تي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي خوش آئنده آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪ??ڻ جي لاءِ علائقائي سطح تي تعاون لازمي آهي. افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.