اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آه?? ته پاڪستان ڪوريا سان واپار کي و??يڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آه??، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لا??ِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ گهرجي.
اها ڳالهه هن ڏک?? ڪوريا جي سفير سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان جا ماڻهو ڪوريا سان لاڳاپن کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ڏک?? ڪوريا جو امن، جمهوريت ۽ خوشحالي جي رستي تي سفر قابل تحسين آه??، هن چيو ته ڪجهه ڏهاڪن جي ٿوري عرصي ۾ ڪوريا پاڻ کي ٽيڪنيڪي لحاظ کان ترقي يافته معيشت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آه??. پاڪستان ڏک?? ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي و??ي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ گڏيل تعاون جي سياسي، اقتصادي، سائنسي، دفاعي، ثقافتي ۽ ٻيا شعبا شامل آه??.
هن چيو ته افغانستان ۾ تازي بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان 16000 کان وڌيڪ غير ملڪي شهرين کي حفاظت سان وطن پهچايو، ڏک?? ڪوريا جي درخواست تي پاڪستان 392 ڪورين رهواسين کي باحفاظت ڪابل مان ڪڍي ورتو آه??، ٻنهي اڳواڻن قومي ۽ عالمي سطح تي گڏيل مفادن جي حوالي سان گڏيل تعاون ۽ گڏيل تفهيم کي و??يڪ وڌائڻ تي زور ڏنو، هن چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي معاشي لاڳاپن کي و??ي اهميت ڏي ٿو، گذريل ٻن سالن ۾ ڪورين ڪمپنين پاڪستان ۾ پنهنجي موجودگي ۽ مارڪيٽ شيئر ۾ سراسري اضافو ڪيو آه??، پاڪستان ۽ ڪوريا جي و?? ۾ 1.122 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي صلاحيت کان گهڻي گهٽ آه??. سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ فعال قدم کڻڻ جي ضرورت آه??، واپار جي فروغ لاءِ فري ٽريڊ ايگريمنٽ ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. 220 ملين آبادي تي مشتمل ملڪ پاڪستان، افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان ڳنڍيل آه?? جنهن جي ڪري پاڪستان سڄي دنيا لاءِ سيڙپڪاري جي لحاظ کان اهم ملڪ آه??.
صادق سنجراڻي ايگزيم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ 88.80 ملين ڊالرز جي لاڳت سان انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير تي ڪم شروع ڪرڻ تي ڏک?? ڪوريا جي تعاون کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڏک?? ڪوريا پاران پاڪستان ۾ سام سنگ موبائيل مينوفيڪچرنگ يونٽ جي قيام جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صادق سنجراني چيو ته پاڪستان ڪوريا سان واپار کي و??يڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آه??، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لا??ِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ گهرجي، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ کي ويجهو آڻڻ ۽ پارلياماني تعاون کي و??يڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي و?? ۾ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ثقافتي سطح تي به وفدن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ ڪوريا جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آه??. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون کي و??يڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.