اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ملڪ کي پوليو ک??ن مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جو مشن آه??، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جامع ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان کي پوليو فري بڻائي سگهجي ٿو، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جهڙي جذبي سان ئي پوليو کي به شڪست ڏيڻي آه??، هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير عثمان بوزدار، سيد مراد علي شاهه، محمود خان، محمد خالد خورشيد، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان آرمي جي انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، صوبائي چيف سيڪريٽريز، صحت واري وزارت ۽ عالمي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حۡڪومتن جي موثر حڪمت عملي جي ڪري هن وقت تائين هن سال پوري ملڪ ۾ بلوچست??ن مان صرف هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آه??، ڪورونا وبا جي ڪري پوليو جي روڪٿام واري مهم سستي جو شڪار ٿي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پنجاب ، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڃان به پوليو وائرس جي موجودگي جا ثبوت مليا آه??، اهو ٻڌايو ويو ته پهچ، سيڪيورٽي۽ والد??ن جي عدم تعاون جي سببن جي بنياد تي مهم ۾ وڏي تعداد ۾ ٻار پوليو جي ڦڙن ک??ن محروم رهجي ويندا آه??، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪيو پي?? وڃي جنهن ۾ جاگرافيائي انفارميشن سسٽم ۽ ٽريڪنگ استعمال ۾ آندو پي?? وڃي، بل ۽ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي پوليو نگراني بورڊ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليس حڪومت پاڪستان ۽ وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.