اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته گوادر پورٽ کي مڪمل طور ف??ال ڪيو ويو آهي، گواد?? هوائي اڏي تي به ڪم تيزي سا?? هلي رهيو آهي. گوادر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته هاڻي بندرگاهه تي ٽريفڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اڍائي ٽن سالن ۾ گوادر ۾ 12 هزار نوڪريون فراهم ڪيون وينديون، گوادر پورٽ مان سامان جي فراهميءَ لاءِ آن لائن بُڪنگ ڪري سگهجي ٿي. عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته گواد?? هوائي اڏي تي ڪم ڪافي تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي.