اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انتظاميه ضروري ??ين جي مقرر ڪيل ريٽ لسٽ تي عملدرآمد يقيني بڻائي، آفيسر غريبن جي تڪليفن جو احساس ڪن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس جي دوران صوبن جا چيف سيڪريٽري ??ه موجود هئا. وزيراعظم کي پنجاب جي فوڊ واري ??ينئر صوبائي وزير پاران ٻڌايو ويو ته سندس هدايت موجب پنجاب حڪومت فلور ملز کي 7 جولاءِ 2020ع کان ڪڻڪ فراهم ڪري ??هي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هيستائين 36 لک ٽن ڪڻڪ 50 ارب روپيا سبسڊي سان جاري ڪئي وئي آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ تي 510 روپيا في مڻ جي حساب سان اضافي بار حڪومت برداشت ڪري ??هي آهي ۽ اهو اضافي بار صارفين تي نه پيو وڌو وڃي، وزيراعظم ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته موج??ده خريداري ??ي نظام جو جائزو وٺي ۽ فوڊ کاتي جي ذريعي ٿيندڙ اضافي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي مقصد جي لاءِ موثر ڪاروباري ماڊل تجويز ڪري، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽرين وزيراعظم کي ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي قيام لاءِ صوبن جي موج??ده ريگوليٽري ميڪينزم جي باري ۾ آگاهه ڪيو، خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت کانپ??ءِ صوبي ۾ 65 آبادگار مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن، سڄي صوبي ۾ تعلقي جي سطح تي 13 مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن جنهن جا لائسنس نيلام ٿيا، ان کانسواءِ ٻين جاين تي 23 مارڪيٽون قائم ڪيون ويون، وزيراعظم کي پنجاب زرعي مارڪيٽنگ ريگوليٽري ??ٿارٽي ايڪٽ 2018ع جي موج??ده شق ۽ ان کانپ??ءِ ٿيندڙ ترميمن جي باري ۾ ٻڌايو ويو.