اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 19 ڊسم??ر ??ي قابض ڀارتي فوجن طرفان لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر ?? جنگبند?? جي بنا جواز ڀڃڪڙين تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ جي 25 ساله صفيره سخت زخمي ٿي پئي. پرڏيهي ترجما?? موجب سينيئر ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته قابض ڀارتي فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ جو مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشانو بڻائي رهيون آهن. ڀارتي سفارتڪار کي ٻُڌايو ويو ته شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظمت ۽ وقار، عالمي انساني حقن ۽ بين الاقوامي انساني قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.