اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته مدين?? جي رياست جو تصور مان پوري طرح سان رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي هڪ فلاحي رياست جي شڪل ۾ آڻيُون، اهو هڪ مسل??ل ۽ صبر طلب رستو آهي پر اسان ق??م جي حيثيت ۾ ان سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي انشاءُ الله منزل وڌيڪ پر?? ناهي ۽ تمام جلد ان جا مثبت اثر پوندا، آئون اڄ معلمِ انسانيت حضرت محمد ﷺ خاتم النبيين جي يوم والادت جي موقعي تي وطن واسين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهران ٿو ته اهو مهينو مبارڪ اسان سڀن?? جي لاءِ رحمت ثابت ٿئي، عيد ميلاد النبي 1442 هه 2020ع جي موقعي تي ق??م ج?? نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سرور ڪائنات حضرت محمد ﷺ خاتم النبيين جي حيثيت ان ڪائنات ۾ ان بي مثال آفتاب جي آه?? جيڪو غار حرا مان اڀريو ۽ سڄي ڪائنات کي رحمت ۽ همدرد?? جي نور سان منور فرمايو، هن چيو ته خاتم النبيين جي بي مثل تعليمات رهندي دنيا تائين جي نظام ۽ انسانن جي لاءِ مشعل راهه آهن، پاڻ صه خاتم النبيين جي سڄي زندگي جهد مسلسل، انسانيت جي رهنمائي ۽ دنيا ۽ آخر?? جي ڀلائي تي مشتمل عظيم نظام جي قيام سان لکيل آهي، پاڻ صه اڄ کان 14 سئو سال پهرين پنهنجي زندگ?? جي مختصر عرصي ۾ هڪ اهڙي مثالي فلاحي رياست قائم ڪري ڏيکاري جنهن جي مثال اڄ تائين نٿو ملي.