اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊ??ٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه ايوان ۾ وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري تي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ايندڙ هفتي وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽريز ايوان ۾ موجود نه هوندا ته ايوان جي ڪارروائي نه هلائي ويندي. ڊ??ٽي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊ??ٽي اسپيڪر مصطفيٰ شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. تلاوت ڪلام پاڪ، حديث ۽ قومي تراني کانپوءِ ڊ??ٽي اسپيڪر سوالن واري وقفي جي شروعات ڪئي، اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ڪالهه وانگر اڄ به ايوان ۾ نه ته وزير موجود آهن ۽ نه ئي وفاقي پارلياماني سيڪريٽريز موجود آهن ته ميمبرن جي سوالن جا جواب ڪير ڏيندو جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته سوالن وارو وقفو ٻيهر شروع ڪيو ويو، پاڪستان پي??لز??ارٽي جي ايم اين اين سيد نويد قمر ٻيهر اهو ئي معاملو اٿاريو ته وفاقي وزير ۽ سيڪريٽرين جي غير حاضري ۾ سوالن وارو وقفو ڪيئن هلائي سگهجي ٿو. اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، ڊ??ٽي اسپيڪر رمارڪس ڏنا ته ان صورتحال بابت وزيراعظم کي خط لکي رهيا آهيون، هن ايجنڊا ملتوي ڪندي ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.