اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تا??ڪستان ٻه طرفي واپار زراعت، تعليم، صنعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي گڏيل وزارتي ڪميشن ??ي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد لاءِ قدمن سان اتفاق ڪيو آهي. اهو فيصلو ٻنهي ملڪن جي گڏيل وزارتي ڪميشن ??ي اجلاس ۾ ڪيو ويو جيڪو ڪالهه توانائيءَ واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ تا??ڪستان جي توانائي واري وزير ديلر شوفاڪر ۾ ٿيو. اجلاس جي شروعات تي اقتصادي معاملن بابت سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز چيو ته پاڪستان ۽ تا??ڪستان وچ ۾ واپار، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ سهڪار جي وڏي گنجائش آهي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط تا??يخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي ناتن تي زور ڀريو. ڊاڪٽر نياز 23-2022ع ۾ 23.46 ملين ڊالرن جي معمولي ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي جي نشاندهي ڪئي ۽ ايندڙ وقت ۾ پاڪ- تا??ڪ بزنس ٽو بزنس فورم جو ذڪر ڪندي وڌيڪ واپاري موقعا تلاش ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن گڏيل ورڪنگ گروپس ذريعي خاص طور تي واپار، ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي سهڪار ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ تي به زور ڀريو ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جي اميد جو به اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ناتن جي مضبوطيءَ لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپار لاءِ 13 ڊسمبر تي بزنس ٽو بزنس فورم جو اهتمام ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري تا??ڪ وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان، تا??ڪستان وچ ۾ پُراڻي، ويجهي ۽ خوشگوار ناتن تي زور ڀريو. هن تا??يخي ناتن تي روشني وِجهندي چيو ته پاڪستان 1991ع ۾ تا??ڪستان جي آزاديءَ کي تسليم ڪرڻ وارو پهريون ملڪ هو ۽ ٻنهي ملڪن گڏيل مذهبي، تا??يخي ۽ ثقافتي طور تي جڙيل آهن. اويس لغاري ٻنهي ملڪن لاءِ واپار، توانائي، زراعت ۽ صنعت لاءِ فائديمند شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي پاڪستاني عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تا??ڪستان پاڪستان عارضي واپاري معاهدي تحت جاري واپار کي هٿي ڏيڻ، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ تي گڏيل رابطه ڪميٽيءَ جي قيام لاءِ لائحه عمل تيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير وچ ۽ اولهه ايشيا جي سنگم تي پاڪستان جي جاگرافيا??ي بيهڪ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تا??ڪ سيڙپڪاري لاءِ مثالي موقعا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته ان سان گڏوگڏ سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن پروگرام ڪاريڪ تحت واپاري راهدارين ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي. وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪاسا 1000 توانائي منصوبو تيزيءَ سان پورو ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن کي خاطرخواه فائدو پهچندو. ماڻهن وچ ۾ ناتن جي اهميت کي تسليم ڪندي هن سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ تا??ڪ شهرين کي پاڪستان جو قدرتي حسن کي ڏسڻ جي دعوت ڏني. هن آخر ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ڪميشن ??ي ڳالهين مان ٻه طرفن ناتن کي مضبوط بنائڻ ۽ اقتصادي ناتا گهرا ڪرڻ لاءِ ٺوس سفارشون سامهون اينديون. تا??ڪستان جي وزير پنهنجي خطاب ۾ پنهنجي ۽ وفد جي شاندار آجيان ۽ مهمان نوازي تي پاڪستان حڪومت جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط تا??يخي ناتن کي تسليم ڪيو جيڪو گڏيل قدرن، ثقافتي ورثي ۽ علائقائي خوشحالي لاءِ گڏيل ويزن تي قائم آهي. وزير دير شوفاڪر ٻه طرفن ناتن ۾ نمايان اڳڀرائي کي تسليم ڪندي ساراهيو. هن خاص طور تي توانائي، زراعت، تعليم ۽ صنعت جهڙن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ گڏيل فائدن جي بي پناهه امڪانن تي زور ڀريو. تا??ڪ وزير چيو ته اميد آهي ته ڪاسا هزار توانائي منصوبو تيزيءَ سان مڪمل ٿيندو جنهن سان ٻنهي ملڪن کي خاطرخواه فائدو ٿيندو. پاڪستان تا??ڪستان گڏيل ڪميشن ??ي پهرين ڏينهن اجلاس ۾ اڳڀرائي ٿي جنهن ۾ مفاهمت جي ٻن تا??يخي يادداشتن (ايم او يوز) ۽ پروٽوڪولز تي صحيح ڪئي. پهريون ايم او يو ڪي پي ڪي صوبي ۽ تا??ڪستان جي ختلون صوبي وچ ۾ تا??يخي ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ آهي جنهن سان تعاون ۽ گڏيل ترقيءَ جي راهه هموار ٿيندي. ٻي ايم او يو سان پاڪستان ۽ تا??ڪستان فوٽ بال فيڊريشنز وچ ۾ تعاون کي هٿي ملندي، جيڪا ٻنهي ملڪن ۾ راندين جي منظرنامي کي ب??ند ڪرڻ لاءِ تيار آهي. گڏيل ڪميشن ??ي گڏيل سربراهن سردار اويس لغاري ۽ ديلر شوفا ڪر اقتصادي تعاون وڌائڻ ۽ واپاري مسئلن جي حل جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ نوڪيلائي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کولڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم تي زور ڀريو ويو.