لاهور- 27 آڪٽوبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??اڪستان ??يپلزپارٽي جي چيئرمين ب??اول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??وجب پاڪستان ??يپلزپارٽي جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شريڪ هئا. پاڪستان ??سلم ليگ (ن) طرفان ??انون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله به ملاقات ۾ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ??يپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پاڪستان ??يپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي هر قدم ۾ ساٿ ڏنو آهي. ملاقات لاءِ آيل پاڪستان ??يپلزپارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي. پاڪستان ??يپلزپارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.