اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪر?? جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيلٿ ورڪرز کي حقيقي هيروز قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي پوليو جي مرض کان پاڪ ڪر?? جي لاءِ اسان کي متحد ٿي نئين سر ڪوششن کي يقيني بڻائڻو پوندو، پوليو فري پاڪستان جي ڏس ۾ درپيش چئلينجز کي م??هن ڏي?? جي لاءِ پختي عزم سا?? ڪم ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم ٻارن کي پوليو جا ڦرا پياريندي 28 آڪٽوبر کان پوليو جي خاتمي جي قومي مهم جي باضابطا شروعات پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پوليو جي خاتمي جو عالمي ڏي??هن ان تلخ حقيقت سا?? ملهائي رهيا آهيون ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليو وائرس جا ڪيسز سا??هون آيا آهن، اسان سڀ ان بابت آگاهي جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، ان لعنت ۽ صحت جي عالمي چئلينج جي خاتمي لاءِ اسان ک هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪوششن ۽ ٽيم ورڪ سا?? گڏجي ان جنگ ۾ ڪاميابي تائين گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان ماضي ۾ به ان حوالي سا?? ڪم ڪيو هو ۽ مستقبل ۾ به ڪنداسين. اسان کي ان راهه ۾ درپيش چئلينجز کي م??هن ڏي?? جي لاءِ پختي عزم سا?? ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ کي تمام جلد پوليو جي مرض کان پاڪ ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏي??هن اسان کي تاريخ ۾ ا??هن لکين ٻارن جي ياد به ڏياري رهيو آهي جيڪي پوليو جي مرض جو شڪار ٿيا ۽ بعد ۾ پنهنجي خاندانن تي بار بڻجي ويا، هي ڏي??هن اسان کي ان مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي ٻيهر وڌائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪر?? جي ياد پڻ ڏياري رهيو آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ تي عالمي ادارن خاص طور تي صحت جي عالمي اداري، يونيسيف ۽ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته پوري قوم پوليو جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ حقيقي هيروز کي ساراهي ٿي، ا??هن هيروز انتهائي مشڪل حالتن ۾ پنهنجون حياتيون هٿيلي تي رکي پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري ڇڏيو پر اسان جي ٻارن کي پوليو کان بچائ?? جي لاءِ تاريخ ۾ پنهنجو نالو سنهري لفظن ۾ لکي ڇڏيو. پوليو ورڪرز قوم جا مجاهد هيروز آهن ۽ پوري قوم ا??هن کي ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سا?? پوليو جا 40 ڪيسز سا??هون آيا آهن، اسان ان وقت تائين سُک سا?? نه ويهنداسين جيستائين اهو وائرس پاڪستان جي سرحدن تان هلي نه ٿو وڃي، هي هڪ چئلينج آهي ۽ اسان ان کي قبول ڪيو آهي، پوليو ورڪرز ان جو هر اول دستو آهن. وزيراعظم چيو ته بل گيٽس سا?? ملاقات ۾ هن پاڪستان جي لاءِ سمورا وسيلا مهيا ڪرڻ جو عزم ڪيو، سعودي عرب به ڪيترن ئي سئو ملين ڊالر جو اعلان ڪيو آهي ج??هن تي اسان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سا?? پوليو وائرس پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ آهي، اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي ۽ چئلينج به آهي، آئون سمجهان ٿو ته پوليو کي مڪمل شڪست ڏي?? جي لاءِ اسان کي تيزي سا?? ۽ محنت سا?? ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو جو مقابلو ڪر?? جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اسان هن ڏي??هن کي ا??هن ورڪرز جي نالي سا?? منسوب ڪري ڇڏيو آهي جن پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، اسان ا??هن ڪارڪنن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سيپٽمبر ۾ ذيلي مهم دوران 33 ملين ٻارن کي ڦرا پياريا ويا، 28 آڪٽوبر کان نئي?? مهم ۾ 45 ملين ٻارن کي پوليو جا ڦرا پياريا ويندا ا?? مهم ۾ 4 لک پوليو ورڪرز حصو وٺندا. هن چيو ته پوليو کي مڪمل طور تي ختم ڪر?? جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجون گڏيل ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. هن پوليو جي خاتمي لاءِ وزيراعظم جي ويزن ۽ عزم ۽ معاون ادارن کي ساراهيو. ان کان اڳ وزيراعظم پوليو جي خاتمي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ڪارڪنن ۽ هيروز جي گهرڀاتين ۽ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پوليو ورڪرز کي شيلڊز پڻ ڏنيون.