اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو آهي ته چين پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ اسان جو ع??م پختو آهي، گوادر علائقائي ترقي جو محور آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو ??ه گوادر ايئرپورٽ جي تڪميل تي چ??ني حڪومت ۽ عو??م پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، چ??ني ۽ پاڪستاني ورڪرز ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ??ه گوادر علائقائي ترقي جو محور هجڻ سان گڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جو عڪاس آهي، چين پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان جي عوام جي خوشحالي اسان جي دل جي ويجهو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ اسان جو ع??م پختو آهي. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.