اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي حڪومتي ??ربراهن جي اجلاس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڇنڇر ڏينهن جناح ڪنوينشن سينٽر جو دورو ڪيو ۽ اجلاس جي انتظامن تي ??طمينان جو اظهار ڪيو. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق جناح ڪنونشن سينٽر جي دوري جي موق??ي تي وزيراعظم کي سي ڊي اي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزارت جي اختيارين طرفان بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، رٿابندي وارو وزير احسن اقبال، سڌ سماءَ وارو وزير عطاالله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار به وزيراعظم سان گ?? هئا. وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي حڪومتي ??ربراهن جي اجلاس جي انتظامن تي ??طمينان جو اظهار ڪيو.