اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ??ڪو??ت ملڪ جي بنيادي معاشي ڍانچي ۾ سڌارن کي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي، توانائي، سرڪاري ادارن جي بهتري، نجڪاري، ٽيڪس نظام ۽ ??ڪو??ت جي ڍانچي کي بهتر بنائڻ ??ڪو??ت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي بارڪليز جي قيادت ۾ سيڙپڪارن جي هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته بنيادي معاشي ڍانچي ۾ سڌارن جو عمل جاري رهندو، ماضيءَ ۾ پاڪستان کي ق??ض وٺندڙ ملڪ طور ڏٺو ويندو هو پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان تاثر کي ختم ڪيو وڃي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تحت طئي ڪي?? هدفن کي مستقل بنيادن تي لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي معيشت ۾ جٽادار استحڪام آڻي سگهجي. وفاقي وزير وفد کي گذريل 12 مهينن دوران لاڳو ڪيل پاليسين ۽ سڌارن وارن قدمن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ان جي نتيجي ۾ بنيادي ۽ اهم نوعيت جي اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي، رپئي جو قدر مستحڪم آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مهانگائي ۾ هدف کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته ان کان اڳ آءِ ايم ايف جي اسٽينڊ باءِ معاهدي کي ڪاميابيءَ سان م??مل ڪيو ويو، جنهن سان ملڪي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي. ان پروگرام جي شروعات وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪئي هئي جنهن کي نگران ??ڪو??ت سخت محنت ۽ عزم سان م??مل ڪيو ۽ ان سان آءِ ايم ايف جي توسيعي فنڊ سهولت معاهدي جي راهه هموار ٿي. ??ڪو??ت جي انهن قدمن سان معيشت مستحڪم ٿي ۽ هاڻي پاڪستان استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. هن ٻُڌايو ته معاشي استحڪام سان گذريل سال مئي ۽ جون تائين ليٽر آف ڪريڊٽ ۽ آمدني واپار جي بيڪ لاگز کي ڪليئر ڪيو ويو ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي اٽڪل 2 ارب ڊالر جي منافعي جي ادائگي پڻ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو خسارو ڪنٽرول ۾ آهي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ بهتري آئي آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيوآهي ۽ سٺي ڳالهه اها آهي ته آءِ ٽي ۽ خدمتن جي شعبن جي روانگي واپار ۾ واڌ اچي رهي آهي. هن چيو ته ??ڪو??ت چاهي ٿي ته بئنڪ نجي شعبي کي آسان شرطن تي قرض ڏيڻ شروع ڪري. هن ان سلسلي ۾ جاري مالي سال جي بجيٽ ۾ بئنڪن کي نجي شعبي خاص ڪري زراعت، آءِ ٽي ايڪو سسٽم ۽ ايس ايم اي شعبي کي مائڪرو قرض ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل مراعتن جو به ذڪر ڪيو. هن وفد کي مختلف شعبن ۾ سڌارن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ ان جي چئني يونٽن وچ ۾ قومي مالياتي معاهدي تي صحيح سميت سڌارن واري ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ??ڪو??ت طرفان کنيل مختلف قدمن بابت به ٻُڌايو. هن چيو ته ??ڪو??ت جو مقصد واضح آهي، ??ڪو??ت نجي شعبي کي پاليسي فريم ورڪ ذريعي تسلسل سان ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ چاهي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته گذريل سال ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهتي هئي، ان سال سيپٽمبر ۾ اها شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح 6.9 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، جنهن سان معاشي بحاليءَ جي حقيقي عڪاسي ٿي رهي آهي. سيڙپڪارن جي فود ناڻي واري وزير جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي معيشت اڳتي وڌي رهي آهي. هن معيشت جي مختلف شعبن ۾ نظر ايندڙ ڍانچي جاتي سڌارن ۽ استحڪام کي به ساراهيو ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي.